آري پير بهڻ جو مقبرو

آري پير بهڻ جو مقبرو

آري پير بهڻ جو مقبرو

آري پير بهڻ جو مقبرو: پير بهڻ جو مقبرو'>آري پير بهڻ جو مقبرو تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄامڙن جي مقبرن مان هڪ آهي. هي مقبرا ديهه ڄامڙا، آگرا روڊ تي آهن. پير بهڻ جو مقبرو هتي موجود مقبرن ۾ مکيه حيثيت رکي ٿو. هتي مدفون بزرگ لاءِ مشهور آهي ته هي غوث پاڪ ملتان واري کي کير ميسر ڪري ڏيندڙ ويجهي مريد پير پنير شاهه جو صحبتي ۽ پوئلڳ هو. درگاهه جي سنڀال هن وقت ابراهيم ڄامڙو ڪري رهيو آهي.
مقبرو مٿانهين دڙي تي آهي ۽ ڀر ۾ ٿورڙي پنڌ تي ٻين بزرگن جا مقبرا، قبرستان جون مزارون آهن. مقبري جو نمونو پير پنير شاهه جي مقبري سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهي. اڱڻ ننڍيءَ ڀت جو احاطو ڏئي ٺاهيو ويو آهي. اڱڻ جي پڪين سرن سان فرشبندي ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ ونگائين لنگهه ۾ چوڪاٺي ۾ ڪاٺ جو دروازو لڳل آهي. ٻنهي پاسن کان ڪالم ڪڍي نمائشي جارا ٺاهيا ويا آهن. پاسن کان پڻ ديوارن تي ساڳئي قسم جو نمونو ٺهيل آهي. ڇت تي وڏو اٺڪنڊو ڳچ ٺاهي، ان تي گول گنبذ رکيو ويو آهي. مقبري کي پيڙهه کان مٿي تائين سفيد رنگ ڪيل آهي، گنبذ جو رنگ سائو آهي. مهاڙيءَ ۾ ٻنهي ڪنڊن تي نيلن کانسواءِ ڳچ ۽ ڪنڊن تي نيلون هنيون ويون آهن. مقبري جي سنڀال چڱي ٿيل آهي. اندر سائي ٿلهي تي قطار ۾ قبرون آهن. مقبري تي معتقد حاضري ڀريندا رهن ٿا.


لفظ آري پير بهڻ جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو